Sunday , February 23 2025

سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) آمريڪي سنڌين جي قانوني سهائتا لاءِ نامياري قانوندان امداد سيهڙ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

SANA means - Sindhi Association of North America

تازو ئي چونڊجي آيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت دنيا جي ستن مختلف ملڪن جي شهرين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي مڙهڻ واري فيصلي ۽ پاڪستان کان ايندڙ مسافرن تي پڻ پابنديون وجهڻ وارن خدشن کي سامهون رکندي سانا پاران آمريڪا ۾ آباد سنڌين جي قانوني سهائتا لاءِ اميگريشن جي ماهر وڪيلن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي. گذريل رات سانا جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هڪ نقاطي اجلاس مرڪزي صدر محمد علي مهر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران مسلمانن جي اڪثريت وارن ستن مختلف ملڪن تي پابندي واري فيصلي، آمريڪا ۾ آباد سنڌين جي خدشن ۽ پاڪستان کان ايندڙ مسافرن کي ڏکيايون پيش اچڻ وارن معاملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. سانا جي اطلاعات سيڪريٽري ذاڪر بُلو پاران جاري ڪيل بيان موجب سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پنهنجي ماڻهن جي قانوني سهائتا ڪرڻ خاطر اميگريشن جي ناليواري وڪيل امداد سيهڙ جي سربراهي ۾ ٽن سنڌي وڪيلن تي مشتمل سانا ليگل اسسٽنس ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جن ۾ هيوسٽن مان امداد سيهڙ، شڪاگو مان ڪامران علي ميمڻ ۽ واشنگٽن ڊي سي مان جهانزيب ميمڻ شامل آهن. مٿي ڄاڻايل ڪميٽي پاڪستان مان ايندڙ مسافرن ۽ آمريڪا ۾ آباد سنڌين کي ويزا، اميگريشن ۽ نوڪرين جي معاملن ۾ قانوني مدد فراهم ڪندي. اجلاس ۾ شريڪ سانا اڳواڻن خالد ميمڻ، غلام محي الدين مورائي، ذاڪر بُلو، حسنين شيخ، وشنو اُڪراڻي، آپا ارشاد عباسي، ڪومل ڀٽو ۽ ممتاز لانگاهه چيو ته سانا اُتر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي واحد نمائنده جماعت آهي ۽ هو هر هڪ سنڌي جي خدمت پنهنجو اولين فرض سمجهن ٿا. ليگل اسسٽنس ڪميٽي سان سهڪار ۽ مشاورت خاطر سانا جي اطلاعات سيڪريٽري ذاڪر بُلو کي پڻ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو. اجلاس دوران آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ڪميٽي جي سمورن ميمبرن ۽ قانوني ماهرن جون ايميل ايڊريسون ۽ رابطي جا نمبر پڻ شايع ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *