ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب واسي کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پ پ جي ٽڪيٽ تي راولپنڊي واسي مصطفيٰ نواز کوکر سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽر چونڊجي ويو آهي. اهڙي طرح هاڻي سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽ ۾ نمائندگي ڪندڙ سينيٽرز ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ سينيٽرز اقليت ۾ اچي ويا آهن. مصطفيٰ نواز کوکر جو والد تاج محمد عرف تاجي کوکر رولپنڊي جو واپاري ۽ زميندار هو، جيڪو پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ ڪجهه عرصو پ پ ڇڏي به ويو.
سينيٽ جي چونڊڻ کان پوءِ ن ليگ سينيٽ ۾ اڪثريتي پارٽي بڻجي وڃڻ باوجود پنهنجو چيئرمين آڻڻ لاءِ پريشان آهي. ان سلسلي ۾ نواز شريف پاران آصف زرداري سان سڌي رابطي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.