Wednesday , January 22 2025

سنڌ حڪومت جون دعوائون پاڻي ڦوٽا ثابت،ڪراچي ۾ ڏوهه وڌي ويا

سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جون ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جون دعوائون پاڻيءَ تي ڦوٽن برابر ثابت، گذريل 7 مهينن دوران ڏوهن ۾ رڪارڊ اضافو

  

ڪراچي (ڪرائيم رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جون ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جون دعوائون پاڻيءَ تي ڦوٽن برابر ثابت، گذريل 7 مهينن دوران ڏوهن ۾ رڪارڊ اضافو، 44 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ، ايترا ئي رپورٽ نه ٿيا. سٽيزن پوليس لائزن ڪميٽي (سي پي ايل سي) هلندڙ سال جي جنوري مهيني کان جولاءِ مهيني تائين ڪراچي ۾ ڏوهن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، سي پي ايل سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران شهر اندر مجموعي طور تي 44 هزار وارداتون ٿيون آهن، جيڪي ڪيس رپورٽ ڪيل ڏوهن جو آهي.

رپورٽ مطابق ستن مهينن دوران موٽر سائيڪل چوري ۽ ڦرڻ جون 3 هزار هڪ سئو واقعا ٿيا جيڪي رپورٽ ڪيا ويا. سي پي ايل سي جي رپورٽ مطابق، فورويل گاڏين جي ڦر جا هڪ هزار کان وڌيڪ رپورٽ ٿيا. رپورٽ موجب سي پي ايل سي جي رپورٽ موجب ان عرصي ۾ شهرين کان 11 هزار کان وڌيڪ موبائل فونز ڦريون ويون. شهر ۾ 7 مهينن دوران ڀنگ لاءِ اغوا جون 12 وارداتون ٿيون، جڏهن ته ڀتي لاءِ 57 واقعا رپورٽ ٿيا.

About admin

Check Also

اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا

خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *