لاڙڪاڻو: سيشن جج جو چانڊاڪا اسپتال تي ڇاپو، مريضن جون سهولتن جي کوٽ خلاف دانهو

لاڙڪاڻو: سيشن ڪورٽ جي جج چانڊڪا اسپتال جي دوري دوران صفائي نه هجڻ، مريضن کي دوائون نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري تي انتظاميا کي ڇنڊ پٽيندي انتظام بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سيشن ڪورٽ جي جج عبدالغفور ڪلهوڙو چانڊڪا اسپتال جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ اسپتال ۾ داخل مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا. اسپتال ۾ موجود مريضن پاران جج آڏو دوائون نه ملڻ سميت ٻيون سهولتون نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي سيشن ڪورٽ جي جج اسپتال ۾ صفائي جو انتظام نه هجڻ، مريضن کي دوائون نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميا کي سخت ڇنڊ پٽي ۽ انتظام بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *