ڪراچي: سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي غور ڪيو ويندو. سنڌابينا جي اجلاش ۾ گهرو کاتي پاران رينرجز جي اختيارن ۾ 3 مهينن جي واڌ لاءِ موڪليل سمري تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جي اختيارن واري معاملي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ۾ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن تي به غور ڪيو ويندو.
ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب شهيد بينظير آباد ضلعي ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ننڍي چونڊ جي شيڊيول پڌرو ٿيڻ کان اڳ انتظامي تبديلين بابت به غور ويچار ڪيو ويندو.
سنڌ سماچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ ڪابينا جياجلاس ۾ ان ڳالهه تي به ويچاريو ويندو ته مختلف صوبائي کاتن ۾ اعلانيل نوڪرين کي جلد کان جلد ڀرتين واري عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ سڀ کان پهرين شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڀرتين واري عمل کي تڪڙو اڪلائڻ ۽ ننڍي چونڊ واري شيڊيول جاري ٿيڻ کان پهرين مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي به غور ڪيو ويندو.