ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) آل سنڌ ٽريزري ويلفيئر سوسائيٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٽئين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جاري رکي وئي. احتجاج جي يونين اڳواڻ انجنيئر جميل احمد لغاري، نور نواز زرداري. ذوالفقار علي بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻي ڪري رهيا هئا. اڳواڻن چيو ته ٽريزري الائونس ڏيئي سمورن ملازمن جي اپگريڊيشن ڪئي وڃي ۽ سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي. هنن گهر ڪئي ته ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، ڪمپيوٽر الائونس ۽ يوٽلٽي الائونسز ڏنا وڃن. هنن چيو ته اهي الائونسز سنڌ سيڪريٽريٽ جي سمورن ملازمن کي ڏنا وڃن ٿا، پر اسان کي محروم رکيو ويو آهي. هنن واضح ڪيو ته مطالبن جي مڃتا تائين پرامن احتجاج جاري رهندو. اڳواڻن چيو ته اسان کي مجبور ڪيو ويو ته وزير اعلي هائوس يا سنڌ اسيمبلي تائين مارچ ڪندا سين .
Check Also
سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟
سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …
سنڌسماءَچار