Tuesday , April 1 2025
Breaking News

سوئي ناردرن ۽ سوئي سائودرن گئس ڪمپنين جي ايم ڊيز کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ”ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گئس بحران واري معاملي جا ذميوارسائودرن گئس ڪمپني ۽ سائودرن گئس ڪمپني جا مئنيجنگ ڊائريڪٽرز آهن، کين عهدن تان هٽايو وڃي“، اهڙي سفارش گئس بحران بابت وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڪئي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، پيٽروليم واري وزير غلام سرور خان، توانائي واري وزير عمر ايوب خان، پلاننگ ڪميشن واري وزير خسرو بختيار ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽرز (ايم ڊيز) کي برطرف ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين کي گئس بحران هڪ هفتي اندر ختم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سوئي ناردرن جي ايم ڊي امجد لطيف ۽ سوئي سدرن جي ايم ڊي امين راجپوت کي برطرف ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *