مهر ڀائرن کي به پنج سالن کانپوءِ پ پ سان ”اصولي اختلاف“ ياد اچي ويا

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) گهوٽڪي جي مهر ڀائرن کي به نيٺ هڪ ڀيرو وري ”اصولي اختلاف“ ياد اچي ويا آهن، جنهن سبب ڪجهه مهينن کان پ پ سان ناراضگي کانپوءِ، پ پ اڳواڻ علي گوهر مهر ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيرپاڳارو سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر، علي گوهر مهر سميت مهر ڪٽنب جا گذريل ڪجهه مهينن کان پيپلز پارٽي سان اختلاف هلندڙ آهن. مهر ڪٽنب کي پرچائڻ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، مراد علي شاهه سميت پ پ جي قيادت به گهڻا وس ڪيا آهن، پر مهر خاندان سنوت ۾ نه اچي سگهيو.

About

Check Also

گل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا انتظاميا جون نااهليون وائکيون ٿي ويون

گل پلازا سانحو حڪومتي ادارن مارڪيٽ جي انتظاميا سبب ٿيوگل پلازا سانحو، حڪومتي ۽ پلازا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *