سَرسو جو سِي اِي او رٽائرمينٽ باوجود عهدي تي موجود، پنهنجا نوازي جو راڄ

محمد ڏتل ڪلهوڙو سنڌ حڪومت جي مشهور “ سسٽم“ جو منظور نظر آهي انڪري سرسو جي بورڊ سميت ڪير به سندس خلاف ڳالهائڻ جي همٿ نه ٿو ڪري سگهي، هن کي اداري ۾ پنهنجا نواز ۽ من پسند ماڻهن کي نوازڻ جِي کليل ڇوٽ آهي: سرسو جا ذريعا

”سنڌ مان غربت ختم ٿئي يا نه ڪو به مسئلو ناهي، اصل مسئلو اهو آهي ته، سي اي او، سندس مائٽن، من پسند ماڻهن جي معاشي صورتحال، لائف اسٽائل، اداري کان ٻاهر ويٺل سرڪاري توڙي خانگي ماڻهن کي راضي رکڻ، اهڙن ماڻهن جي چوڻ تي اداري ۾ ڀرتيون يا اداري مان مالي فائدو ڏيڻ جا سمورا قانون ۽ ضابطن جو ڪٿان نه ڪٿان جواز ڳولي ڪڍي معاملو سڌو رکڻ آهي، نومبر مهيني ۾ فيصلو ٿيندو ته ته محمد ڏتل بابت ڪهڙو فيصلو ڪجي“. سرسو جو اهم ذميوار

ڪراچي (رپورٽ: رحمٰن ملڪ سنڌسماءَچار) غربت جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ پرڏيهي فنڊز ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم “ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن” ( سرسو) غلط رٿابندي، پنهنجا نوازي، انتظامي ۽ مالي بي ضابطگين سبب نتيجا نه ڏئي سگهي، غربت جي خاتمي وارو پروگرام به نتيجا نه ڏئي سگهي، اداري جي اندر قانون ۽ ضابطن جي جي ابتڙ سرسو جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسررٽائمينٽ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي آشيرواد ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مهرباني سان 12 سال کان عهدي تي موجود.

سنڌ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ سال 2003 ۾ ٻهراڙي جي ماڻهن جي مدد لاءِ قائم ڪيل سماجي تنظيم سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جو مک مقصد غربت گهٽائڻ / ختم ڪرڻ هو، جنهن لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا. سرسو بابت مليل ڄاڻ مطابق شروعاتي طور سرسو پرڏيهي ڊونرز ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان گڏجي غربت گهٽئڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو، سنڌ حڪومت جي ڀ رپور مالي مدد ۽ پرڏيهي ڊونرز جي سهڪار باوجود ادارو نتيجا ڏيڻ ۾  ناڪام رهيو آهي، ذريعن موجب سرسو جي پهريون بيس لائن سروي ڊسمبر 2003 آن لائن سروي ڪئي وئي هئي، جنهن مطابق آرگنائيزيشسن جي آپريشن ۾ غربت جي مجموعي طور 56 سيڪڙو واري تناسب کي گهٽائڻ هو پر اها گهٽجڻ بدران وڌي وئي آهي، جيڪو تنباسب ورلڊ بئنڪ جي انگن اکرن ۽ رپورٽ موجب 14 سيڪڙو وڌي 70 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جيڪو ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ۾ چٽو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ حڪومت، حڪومتي ادارن، پرڏيهي ڊونرز جي فنڊز ۽ سرسو سميت ٻين مقامي سماجي تنظيمن جي اربين رپيا خرچ ڏيکارڻ باوجود غربت ۾ اضافو ٿيو آهي.

پرڏيهي فنڊنن ۽ سنڌ حڪومت جي فنڊن تي هلندڙ غربت جي خاتمي / گهٽتائي ڪرڻ واري سماجي تنظيم سرسو ۾ ضابطن ۽ قانون مطابق ڪم ڪرڻ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿوته، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اِي او) جي عهدي جو مُدو صرف 3 سال آهي، ان عهدي تي  جنهن تي مقرر ٿيل محمد ڏتل ڪلهوڙو 2013 ۾ مقرر ٿيو هو، جنهن کي 2018 ۾ رٽائر ٿي وڃڻ گهرجي ها ۽ قانوني توڙي ضابطن جون گهرجون پوريون ڪري ڪنهن ٻئي اهل ماڻهو کي ذميواريون ڏنيون وڃن ها، پر محمد ڏتل ڪلهوڙو کي بورڊ جي اختياري فيصلن تحت ٽَي ڀيرا ته ڪرسي ويهاريو ويو آهي، سرسو جي هڪ ذميوار نالو نهن لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، جون 2025 ۾ محمد ڏتل ڪلهوڙو جو مدو ختم ٿر ر ورييرو هي، جيڪو اڃاتائين ڪرسيءَ کي چنبڙيل آهي، بورڊ جي خاص مهربانين پر ضابطن ۽ قانون جي ابتڙ سندس عهدي کي جاري رکيو ويو آهي، جيڪو عمل سيڪيورٽي ايڪچينج آف پاڪستان جي قانون جي به خلاف آهي. سرسو جي بورڊ ايس اِي سي پي جي قانون جي ابتڙ محمد ڏيل تي خصوصي عنايتون ڪندي سي اي او واري عهدي رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. سرسو جي هڪ اهم ذميوار جو چوڻ آهي ته، محمد ڏتل سنڌ حڪومت جي مشهور “ سسٽم“ جو منظور نظر آهي انڪري سرسو جي بورڊ سميت ڪير به سندس خلاف ڳالهائڻ جي همٿ نه ٿو ڪري سگهي، هن کي اداري ۾ پنهنجا نواز ۽ من پسند ماڻهن کي نوازڻ جِي کليل ڇوٽ آهي. سرسو جي ان ئي اهم ذميوار نالاو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ”سنڌ مان غربت ختم ٿئي يا نه ڪو به مسئلو ناهي، اصل مسئلو اهو آهي ته، سي اي او، سندس مائٽن، من پسند ماڻهن جي معاشي صورتحال، لائف اسٽائل، اداري کان ٻاهر ويٺل سرڪاري توڙي خانگي ماڻهن کي راضي رکڻ، اهڙن ماڻهن جي چوڻ تي اداري ۾ ڀرتيون يا اداري مان مالي فائدو ڏيڻ جا سمورا قانون ۽ ضابطن جو ڪٿان نه ڪٿان جواز ڳولي ڪڍي معاملو سڌو رکڻ آهي، نومبر مهيني ۾ فيصلو ٿيندو ته ته محمد ڏتل بابت ڪهڙو فيصلو ڪجي“.

ماڻهو مون کي جاهل وزير چون ٿا: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

سنڌ حڪومت ترڪيه جي سهڪار سان ڪراچي ۾ تعليمي ڪئمپس قائم ڪيو ويندو

قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *