مهانگائي جي هڪ ٻئي بم جي تياري، بجلي پوڻان 4 رپيا مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) مخالف ڌر ۾ هجڻ دوران مهانگائي خلاف واويلا ڪندڙ تحرتتيڪ انصاف اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ شين جا اگهه وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، گئس، ايل اين جي ۽ سي اين جي کانپوءِ پوءِ بجلي به مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيپرا طرفان وفاقي سرڪار کي بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 75 پئسن جو جهٽڪو ڏنو ويندو. بجلي جا اگهه وڌائڻ جو اصولي فيصلو ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اي سي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب بجلي جي اگهن ۾ تازي اضافي سان حڪومت صارفين کان 400 ارب رپيه هر مهيني اضافي وصول ڪندي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *