سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو فيصلو غير متوقع نه آهي، جلد حقيقتن کان عوام کي ٻڌائيندس: برطرف ڪيل جسٽس شوڪت صديقي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) برطرف ڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس شوڪت صديقي چيو آهي ته، منهنجي خلاف فيصلو غير متوقع نه آهي، سپريم ڪورٽ ريفرنس جي ٻڌڻي کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽس موجب سپريم جوڊيشل ڪائونسل پاران برطرفي جي سفارش تي عهدي تان برطرف ڪيل، جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته، منهنجي خلاف ٻيو ڪجهه نه مليو ته تقرير کي بنياد بڻائي ڪارروائي ڪئي وئي. عهدي تان برطرف ڪيل، اڳوڻي جج جسٽس شوڪت عزيز چيو آهي ته، سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ سندس خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي گهر جي مرمت ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ بعد ۾ هڪ تقرير تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو. ميڊيا رپورٽس مطابق شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته، هُو پنهنجي خلاف لڳايل الزامن بابت حقيقتن کان جلد عوام کي آگاهه ڪندو. سپريم ڪورٽ پاران منهنجي خلاف ريفرنس جي شنوائي کليل عدالت ۾ ڪرڻ واري حڪم تي عمل نه ڪيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج، جسٽس شوڪت عزيز صديقي عهدي تان برطرف

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *