ڏکڻ وزيرستان: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج وانا ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، باهه تي ضابطو نه آيو

ڏکڻ وزيرستان:ڏکڻ وزيرستان جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج وانا ۾ اوچتو باهه لڳي وڳي آهي، جنهن سڄي اسڪول کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، فائر برگيڊ جون گاڏيون باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ڏکڻ وزيرستان جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج وانا ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي پرنسپل جي آفيس سميت 40 کان وڌيڪ ڪمرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. ٽانڪ ۽ ٻين شهرن مان فائر برگيڊ جون گاڏيون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جيڪي باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. وانا ڊگري ڪاليج ۾ 15 سئو کان وڌيڪ شاگرد پڙهن ٿا، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قيمتي ڪاغذن سميت سمورو رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو آهي

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *