Sunday , February 23 2025

سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ اندر کليل ۽ ڊٻن ۾ پيڪنگ واري کير بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

ڪراچي ( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ۾ به کُليل کير ۽ ڊٻن ۾ پيڪ ٿيل کير جي معيار ۽ پيداوار بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي. چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ب بئنچ معاملي جي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار پاران 3 ڏينهن اڳ ورتل پاڻمرادي نوٽيس ۾ سنڌ سرڪار پاران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، جانورن جي پالنا واري کاتي سميت لاڳاپيل کاتن ۽ ڊائريڪوٽريٽس جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيندا، جن کي اڳ ئي نوٽيس جاري ٿيل آهن. چيف جسٽس لاڳاپيل سمورين اختيارين کان، صوبي ۾ ڊٻن ۾ پيڪنگ ٿيل کير توڙي کليل کير جي پيداوار ۽ معيار بابت پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. پنجاب ۾ کير بابت ساڳئي نوعيت جو ڪيس اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ هلندڙ آهي. جنهن ۾ گذريل ٻڌڻي دوران کير ڏيڻ لاءِ مينهن ۽ ڳئون کان وڌيڪ کير  حاصل ڪرائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ انجيڪشن/سُئي/ٽيڪي انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏنيدي ان تي پابندي لڳائي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *