سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ کليل ۽ ڊٻن ۾ پيڪنگ واري کير بابت نوٽيس وٺي ڇڏيو،رپورٽ طلب

اسلام آباد( خاص عيوضي    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به کُليل کير ۽ ڊٻن ۾ پيڪ ٿيل کير جي معيار ۽ پيداوار بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ کليل کير ۽ مختلف ڪمپنين پاران ڊٻن ۾ پيڪ ڪري وڪرو ٿيڻ واري کير جي معيار ۽ پيداوار بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي 13 هين جنوري ڇنڇر ڏهاڙي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ خراب کير وڪرو ٿيڻ واري معاملي  جو ڪيس هلندڙ آهي، سپريم ڪورٽ کير ڏيارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ انجيڪشن/سُئي/ٽيڪي تي پنجاب ۾ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *