Tuesday , April 1 2025
Breaking News

شهيد بينظير ڀٽو جي اڃا به ملڪيت آهي، اها اسان حوالي ڪئي وڃي: آصف زرداري پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ (پ) جي سربراهه آصف زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي اڃا ٻي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت، شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت جي ورهاست بابت درخواست تي بينظير ڀٽو جي سيونگ سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪري 19 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت جي ورهاست بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته معلوم ٿيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت آهي، جنهن جا قانوني وارث موجود آهن. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت تي قانون مطابق آصف زرداري، بلاول، آصفه ۽ بختاور جو حق آهي، ملڪيت انهن ۾ ورهاست ڪئي وڃي. اسسٽنٽ رجسٽرار رپورٽ جمع ڪرائندي ٻڌايو ته آصف زرداري جي درخواست تي ملڪيت تي اعتراضن بابت اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا، پر هيل تائين ڪوبه اعتراض سامهون نه آيو آهي. عدالت اضافي ملڪيت جي ورهاست بابت درخواست تي ناظر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي بينظير ڀٽو جي سيونگ سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪري 19 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *