Sunday , April 20 2025
Breaking News

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي، آصف زرداري پاران نواز شريف ڪو به سرچاءُ نه ڪرڻ جو اعلان

آصف زرداري – فائل فوٽو

لاڙڪاڻو( رپورٽر     سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نوازشريف سان مفاهمت جا سمورا امڪان رد ڪندي چيو آهي ته هن ڀيري نون ليگ کي پنجاب ۾ وڏ وزارت به حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين، ضرورت پئي ته ٻين سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 39 هين ورسي جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ميان صاحب لاهور جي سيٽ کٽڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪيا، اهو اوهان جو مينڊيٽ نه هو پر آر او اليڪشن هئي. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي سوچ کي ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي،هاڻي ملڪ ۾ آر او اليڪشن ٿيڻ نه ڏينداسين.اڳوڻي صدر نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ميان صاحب اوهان هميشه اسٽبلشمينٽ سان ملي پٺيءَ ۾ ڇرو هنيو، اوهان ڀلي پاڻ کي شهنشاهه سمجهو، پر سياست نٿا ڄاڻو.آصف زرداري چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب ۾ نون ليگ کي روئاري ڇڏينداسين، نواز شريف سان هاڻي هڪ هڪاڻي ڪرڻي پوندي.آصف زرداري نواز شريف سان ڪنهن به قسم جي مفاهمت يا سرچاءَ نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هن ڀيري نون ليگ کي پنجاب جي وڏ وزارت به وٺڻ نه ڏينداسين، ڪنهن ٻئي سان اتحاد ڪري حڪومت ٺاهينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون ته هنن ڇا ڪيو، ڪئنال ٺهڻ ڏيو: مصدق ملڪ

اسان سنڌ جو گئس کڻندا رهيا آهيون، هنن ان تي اسان کي ڇا ڪيو جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *