Tuesday , April 1 2025
Breaking News

صوبائي وزير مڪيش ڪمار جون هدايتون، ايڪسائيز کاتي جا عملدار جميل سومرو جي ورڪ ۾ جنبي ويا

صوبائي وزير مڪيش ڪمار جون هدايتون، ايڪسائيز کاتي جا عملدار جميل سومرو جي ورڪ ۾ جنبي ويا

لاڙڪاڻو/ڪراچي(خاص نمائندو/اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ويجهو ايندي ئي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، پ پ اميدوار جميل سومرو جي چونڊ سرگرمين لاءِ سنڌ حڪومت جا وسيلا به استعمال ڪيا پيا وڃن. جميل سومري جي چونڊ مهم لاءِ مختلف کاتن جي وزيرن ۽ صلاحڪارن پاران پنهنجي پنمهنجي کاتي جي ضلعي آفيسرز / ڊائريڪٽوريٽ عملدارن کي به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اُهي جميل سومرو جي چونڊ مهم هلائين. ان سلسلي ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ايڪسائيز کاتي جي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو ( ٽيڪسز/موٽررجسٽريشن) کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته جميل سومرو جي چونڊ مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *