ملتان ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ايم اي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان سان اتحاد کان اڳ اسان کي اسرائيل جي وجود کي تسليم ڪرڻو پوندو، مطلب اهو آهي ته عمران خان سان اتحاد ڪرڻ ائين آهي ڄڻ اسان اسرائيلجو وجود تسليم ڪيو. عمران خان وزيراعظم بڻيو ته اها ملڪ جي بدقسمتي هوندي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ميڊيا تي سياستدانن جون سٺايون لڪائي برايون ڏيکاريون وڃن ٿيون جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪرائين ٿا اسان انهن مڪار دوستن جي شر کان پناهه گهرون ٿا. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان وزيراعظم بڻيو ته اها ملڪ جي بدقسمتي هوندي، هو ڪنهن به صورت ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد نه ڪندا. سندس چوڻ هو ته ايم ايم اي جو 13 مئي تي مينار پاڪستان تي جلسو ٿيندو جيڪو چونڊن جي تاريخ بدلائي ڇڏيندو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ايم ايم اي جو هيءَ پهريون تجربو ناهي اسان اڳ به ڪامياب رهيا آهيون، ايندڙ چونڊ ڪتاب جي چونڊ نشان تي وڙهنداسين. ايم ايم اي سربراهه جو چوڻ هو ته هنن پهرين ڏينهن کان بهاولپور ۽ سرائيڪي صوبي جي حمايت ڪئي آهي جيڪي ان جي اڄ حمايت ڪن پيا اهي 5 سال اڳ ڪٿي هئا. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا معاملي تي مون کان نه پر اتي جي عوام کان پڇيو وڃي.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …