Sunday , February 23 2025

فنڪشنل ليگ جو ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪو به اتحاد ناهي: اڪبر شاهه راشدي

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سيد اڪبر حسين شاهه راشدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته متحده سان الائنس ناهي ۽ هو پنهنجو موقف تبديل ڪري قومي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين متحده ۽ پي ايس پي کي گڏ ڪرڻ بابت پير سائين پاڳارا ڪوششون نه ڪيون ۽ اهڙين ڳالهين ۾ به ڪا صداقت نه آهي. لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد اڪبر حسين شاهه راشدي وڌيڪ چيو ته گذريل چونڊن بابت پيپلز پارٽي به چيو ته آر اوز وارا اليڪشن ڪرايا ويا.  هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو متبادل فنڪشنل ليگ جي صورت ۾ موجود آهي، سنڌ ۾ مضبوط اپوزيشن فنڪشنل ليگ آهي جيڪا اليڪشن کان اڳ ۽ اليڪشن کان بعد پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته 26 نومبر تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس طرفان سکر ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو ان ۾ الائنس سان لاڳاپيل سمورا اڳواڻ موجود هوندا جلسي جي صدارت پير سائين پاڳارو ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *