ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ هڪ مئل ماڻهوءَ جي نالي تي 4 جعلي بينڪ اڪائونٽس ٺهيل هئڻ جو انڪشاف، ادارن پاران اقبال آرائين جي نالي تي اڪائونٽس ۾ 4 ارب 60 ڪروڙ رپيا منتقل ٿيڻ جي جاچ شروع ٿيڻ تي خبر پئي ته اقبال آرائين 4 سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي. ڪوڙن بينڪ کاتن ۽ انهن ذريعي اربين رپين جي ڏيتي ليتي جي معاملن ۾ تيزي اچي وئي آهي، فالُودي ۽ رڪشا واري کانپوءِ هڪ فوتي شخص جي نالي تي ٺهيل بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپين جي غيرقانوني منتقلي جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي ۾ جاچ ادارن هڪ فوتي شخص اقبال آرائين جي نالي تي ٺهيل بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپين جي منتقلي جو انڪشاف ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ادارن مئي 2014 ۾ فوت ٿيل اقبال آرائين نالي هڪ شخص جي بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپين جي غيرقانوني منتقلي جو پتو لڳايو. ذريعن موجب فوتي اقبال آرائين جي اڪائونٽ ۾ مجموعي طور 4 ارب 60 ڪروڙ رپين جي منتقلي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد اقبال جي آرائين جي نالي تي 4 بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا، جن ۾ مختلف بينڪ اڪائونٽس مان غيرقانوني طور پئسن جي منتقلي ٿي.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …