خانپور مهر ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، سيپڪو جو ايس ڊي او گرفتار

خانپور مهر( رپورٽر سنڌسماءَچار) ايف آءِ اي سکر جي ٽيم سيپڪو آفيس خانڳڙهه تي ڇاپو هڻي ايس ڊي او کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته مبارڪپور واسي ڳوٺاڻي جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي. ايف آءِ اي سکر جي ٽيم سيڪنڊ سول جج گھوٽڪي جي موجودگي ۾ سيپڪو آفيس خانڳڙهه تي ڇاپو هڻي ايس ڊي او سيپڪو عظيم عباسي کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته مبارڪپور واسي ڳوٺاڻي شريف مهتم شڪايت ڪئي هئي ته ايس ڊي او ميٽر هڻي ڏيڻ عيوض 15 هزار رپيا رشوت گهري رهيو آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *