فيض گنج مان امن جو پکي ڏامي ويو، علي آباد ۾ هٿياربندن هٿان واپاري ممتاز راڄپر قتل
فيض گنج(رپورٽر سنڌسماءَچار) فيض گنج جو امن تباهه، ڦرن، چورين ۽ ڌاڙن کانپوءِ علي آباد ۾ ڏوهارين جي وڏي واردات، ڪوٽ لالو جو واپاري بيدردي سان قتل، پرامن علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇائنجي ويو. خيرپور ضلعي جي پرامن تعلقي فيض گنج مان امن جو پکي اڏامي ويو، اڻسڃاتل هٿياربندن ڪوٽ لالو شهر ڀرسان علي آباد واري علائقي ۾ جيپ تي انڌاڌند فائرنگ ڪري علائقي جي مشهور واپاري ممتاز عرف جاجو راڄپر کي قتل ڪري دلجاءِ ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا. اڪرو واسي واپاري ممتاز عرف جاجو راڄپر جي قتل واري واقعي جي خبر فيض گنج تعلقي ۽ ڀرپاسي ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، اطلاٿ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ممتاز راڄپر جو لاش بيسڪ رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج ايٽ پڪاچانگ (فيض گنج ۾ تعلقه هيڊڪوارٽر اسپتال ناهي) منتقل ڪيو.
اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جِي انڌاڌند فائرنگ ۾ مقتول کي مُنهن ۽ سيني ۾ گوليون لڳيون آهن، وڌيڪ تفصيل ۽ ڊاڪٽر ۽ پوليس ئي ڏئي سگهي ٿي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ممتاز عرف جاجو راڄپر علائقي جو مشهور واپاري ۽ زميندار آهي، ڪجهه عرصو اڳ سندس اوطاق ۽ رهائشگاهه تي به هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي.
سنڌسماءَچار