قاضي احمد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) قاضي احمد شهر جي آفتاب ڪالوني ۾ معصوم ٻارڙي سان بگھڙ صفت جوابدارن جي نينگر سان بدفعلي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن شھر ۾ دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ ويندڙ پنج ورهين جي معصوم ٻالڪ ايان علي لاکو کي زبردستي کڻي وڃي مبينا طور ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪري کيس رتو رت حالت ۾ گهر ٻاھران زخمي حالت ۾ اڇلائي ڀڄي ويا. پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪري واقعي ۾ ملوث ٻن ڄڻن خلاف نينگر جي وارثن جي فرياد تي زنا جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. پوليس ٻن وحشي جوابدارن سرتاج جتوئي ۽ دلو جتوئي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي
Check Also
ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل
ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …
سنڌسماءَچار
