Tuesday , April 22 2025

قانون سازي هڪ شخص جي فائدي لاءِ ٿي ته ٺپ حمايت نه ڪبي:خورشيد شاهه

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته، پارليامينٽ کي قانون سازي جو سئو سيڪڙو حق ۽ اختيار آهي، نوازشريف وزيراعظم هو ته ان کي پارليامينٽ ياد نه هئي، هاڻي به به وزيراعظم جي ذهن مان پارليامينٽ نڪري وئي آهي؛ جڏهن به ضرورت پوي ٿي ته هنن کي پارليامينٽ ياد اچي وڃي ٿي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته، قانون سازي جو سئو سيڪڙو اختيار پارليامينٽ کي آهي، جيڪڏهن حڪومت عوام جي فائدي ۾ ڪا به قانون سازي ڪئي ته اسان ڀرپور حمايت ڪنداسين. اپوزيشن ليڊر چيو ته جيڪڏهن صرف ڪنهن هڪ شخص کي بچائڻ يا کيس فائدو پهچائڻ لاءِ قانون  سازي جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان ٺپ حمايت نه ڪنداسين.

هن چيو ته اهو بحث گهڻو پهرين ٿيڻ گهرجي ها، ماضي جي غلطين کي سامهون رکي اقرار ڪرڻ گهرجي، جڏهن اسان عدليه کي ڊڪٽيشن ڏيندا آهيون ته ٺيڪ ٿيندو آهي؟ خورشيد شاهه چيو ته جڏهن پاناما جو معاملو آيو ته اسان چيو هو ته معاملو پارليامينٽ کي ڏسڻ گهرجي، اسان پاڻ پارليامينٽ جو تقدس پامال ڪيو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو، اسان پاڻ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪيو آهي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ کي بالادست ڏسڻ چاهيون ٿا، سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ادارا هڪ ٻئي جي معاملن ۾ مداخلت ڪندا ته ملڪ ڪمزور ٿيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن قانون سازي هڪ فرد ۽ مفادن جي لاءِ ٿيندي ته اها تباهه ڪري ڇڏيندي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *