لانڍي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ رينجرز اهلڪار شهيد،پوليس اهلڪار زخمي

ڪراچي ( سنڌ مساءَ ڍار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ مقابلي دوران رينجرز جو هڪ جوان شهيد ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.شهرين ٻن ڦورن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي علائقي لانڍي 89 ۾ ڦر جي واردات دوران هڪ رينجرز جوان ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا،رينجرز جوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ملير جي ايس ايس پي عديل چانڊئي جو چوڻ آهي ته ڦر دوران مزاحمت تي ٻنهي ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته ڦورو ڦر جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته مقابلو ٿيو. گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ آئي جي سنڌ اي ڊي خواجا واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽون گهرائي ورتيون آهن.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *