ڪراچي ( سنڌ مساءَ ڍار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ مقابلي دوران رينجرز جو هڪ جوان شهيد ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.شهرين ٻن ڦورن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي علائقي لانڍي 89 ۾ ڦر جي واردات دوران هڪ رينجرز جوان ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا،رينجرز جوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ملير جي ايس ايس پي عديل چانڊئي جو چوڻ آهي ته ڦر دوران مزاحمت تي ٻنهي ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته ڦورو ڦر جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته مقابلو ٿيو. گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ آئي جي سنڌ اي ڊي خواجا واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽون گهرائي ورتيون آهن.
Tags personnel killed Rangers
Check Also
نَهَن کي نَوَ ڪوٽ، “ ڪئنال نه پيا ٺهن”: وڏو وزير مراد علي شاهه
نَهَن کي نَوَ ڪوٽ، “ ڪئنال نه پيا ٺهن”، صدر آصف زرداري جي گرين پاڪستان …