پروفيسر سحر انصاري تي عورت پروفيسر کي جنسي حراسان ڪرڻ جو ڏوهه ثابت

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي جي  پروفيسر ۽ ناليواري اديب پروفيسر سحر انصاري  مٿان يونيورسٽي جي عورت ايسو سي ايٽ پروفيسر نوين جي حيدر جنسي طور تي حراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو،پروفيسر جي يونيورسٽي جي حدن ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي. ڪراچي يونيورسٽي  جي پروفيسر سحر انصاري تي عورت اسسٽنٽ پروفيسر نوين جي حيدر پاران لڳايل الزام ثابت ٿي ويو آهي.پاڪ اسٽڊي سينٽر جي اسسٽنٽ پروفيسر جي الزامن جي يونيورسٽي جي ڪميٽي جاچ ڪئي.ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته پروفيسر سحر انصاري  جي يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وڃي.ٻئي طرف پروفيسر سحر انصاري لڳايل الزام کي رد ڪندي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

About

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *