لاڙڪاڻو: سيشن ڪورٽ جي جج چانڊڪا اسپتال جي دوري دوران صفائي نه هجڻ، مريضن کي دوائون نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري تي انتظاميا کي ڇنڊ پٽيندي انتظام بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سيشن ڪورٽ جي جج عبدالغفور ڪلهوڙو چانڊڪا اسپتال جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ اسپتال ۾ داخل مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا. اسپتال ۾ موجود مريضن پاران جج آڏو دوائون نه ملڻ سميت ٻيون سهولتون نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي سيشن ڪورٽ جي جج اسپتال ۾ صفائي جو انتظام نه هجڻ، مريضن کي دوائون نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميا کي سخت ڇنڊ پٽي ۽ انتظام بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
Tags chandika hospital larkano
Check Also
سنڌو شينهن شير درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: ذوالفقار ڀٽو جونيئر
سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ …