Monday , March 31 2025
Breaking News

لاڙڪاڻو: نوجوان جي قتل جو جوابدار گرفتار، عدالت ۾ پيش، جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

لاڙڪاڻو:

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان علي حيدر جي مبينا قتل ڪيس ۾ دڙي ٿاڻي جي پوليس جوابدار جهانزيب منگي جي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري سندس ستن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو آهي.
لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي پوليس نيٺ نوجوان علي حيدر جي مبينا طور قتل ٿي وڃڻ واري معاملي ۾ جهانزيب منگي جي گرفتاري ظاهر ڪئي، جيڪا گذريل هڪ هفتي تائين ظاهر نه پئي ڪئي وئي.
دڙي ٿاڻي جي پوليس جوابدار جهانزيب کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري، جوابدار جي ست ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.
جوابدار جهانزيب منگي تي الزام آهي ته هڪ هفتو اڳ هن پنهنجي دوست علي حيدر چانڊيو کي مبينا طور تي قتل ڪيو، جڏهن ته جوابدار ڌُر چوندي رهي آهي ته علي حيدر خودڪشي ڪئي آهي.
علي حيدر جي وارثن پاران عدالتي حڪم تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جهانزيب منگي پسٽل سان فائرنگ ڪري علي حيدر کي قتل ڪيو آهي

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *