متحده اڳواڻ خواجا اظهار جو ڀاءُ خلاف قبضا خوري جو ڪيس داخل
Asghar Azad
August 30, 2018
سنڌ
1,017 Views
خواجا ابصارالحسن خواجا اظهارالحسن
ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي ڀاءُ خلاف سرڪاري ۽ نجي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪي ڊي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ابصار الحسن زمينن تي قبضا ڪيا آهن. ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ ڪي ڊي اي جي زمين تي قبضي جي الزام ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي ڀاءَ خواجا ابصار الحسن ۽ حبيب انصاري جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي ڀاءَ جي خلاف ڪي ڊي اي جي آفيسر ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسٽيٽ انفورسمنٽ سيل ڪي ڊي اي خرم شهباز جي درخواست تي داخل ڪيو ويو . سرجاڻي ٽائون جي ٿاڻي تي ڪيس 27 آگسٽ تي داخل ڪيو ويو.خواجا اظهار جي ڀاءَ جي خلاف ايف آئي آر نمبر 509/18 داخل ڪئي وئي. جوابدارن تي الزام آهي ته انهن 12 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو.