ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي سرڪاري پارڪن مان غير قانوني قبضا ۽ حد دخليون ھٽائڻ واري حڪم کانپوءِ ڪي ايم سي پاران آرام باغ جي اندر ھڪ جماعت پاران قائم ڪيل خانگي آفيس کي بلڊوز ڪيو ويو. سياسي پارٽي پاران پارڪ جي ھڪ حصي تي قبضو ڪري آفيس ٺاھي ٻاھران لائيبرري جو بورڊ لڳائي ڇڏيو هو. آرام باغ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي آرام باغ واري علائقي ۾ قائم ڪي ايم سي لائبريري جي عمارت کي ڊاهيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر جي حڪم تي لائبريري ڊاهڻ کان اڳ ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ جو ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو،جنهن سبب ڪيترن ئي ناياب ڪتابن ۽ مواد جو نقصان ٿي ويو.
Check Also
سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟
سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …
سنڌسماءَچار