ملڪي سياست ۾ نئون ڀونچال، مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار قرار
اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ملڪي سياست ۾ ڀونچال، سپريم ڪورٽ،2023جي اليڪشن ۾ مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم ۽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو. فيصلو سپريم ڪورٽ جي تيرنهن رُڪني لارجر بئنچ5/8جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13رڪني لارجر بئنچ، مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي اپيل تي محفوض ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن وارو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. لارجر بئنچ جي سربراهه ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته فيصلو 8/5 جي تناسب سان اڪثريتي فيصلو آهي. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو ويو آهي ته، چونڊ نشان واپس وٺڻ سان سياسي پارٽي کي چونڊن لاءِ نااهل نٿو ڪري سگهجي، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار آهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي.