

ملير ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي هٿان ڪوڙي مقابلي ۾ ماريل نوجوان نقيب الله محسود جي قتل ڪيس ۾ ٻن شاهدن ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پنهنجا بيان ريڪارڊ ڪرايا.شاهدن جو چوڻ هو ته کين رائو انوار اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو هو. ايس ايس پي انويسٽيگيشن ، نقيب الله قتل ڪيس ۾ ٻن اکين ڏٺن شاهدن کي فوجدار ي جي ايڪٽ 164 تحت بيان قلمبند ڪرايا، جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت شاهدن جا بيان ريڪارڊ ڪيا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا،ٻنهي شاهدن پنهنجن بيانن ۾ عدالت کي ٻڌايو ته نقيب الله ۽ ٻين سان گڏ کين به حراست ۾ ورتو ويو هو ۽ کين سخت تشدد کانپوءِ ڇڏيو ويو.هنن ٻڌايو ته بعد ۾ کين ٻڌايو ويو ته رائو انوار نقيب الله کي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. عدالت بيان ريڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ بيان سيل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ پاران ملير جي هٽايل ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت باوجود پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي، رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽيم اسلام آباد پهتل، پنجاب ۽ ڪي پي ڏانهن به ٽيمون روانيون، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا رائو انوار جي گرفتاريءَ لاءِ پاڪ فوج کان به مدد گهري آهي.
سنڌسماءَچار