رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس، فوجي عدالتن مدي ۾ واڌ ورو بل منظور

 senate 1

سينيٽ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت 28 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، ترميم جي حمايت ۾ 78 ۽ مخالفت ۾ 3 ووٽ پيا، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي بل جي مخالفت ڪئي، سينيٽ چيرمين رضا رباني چيو آهي ته هو بل تي صحيح ڪرڻ بعد بل کي منطوري لاءِ ايوان صدر اماڻيندو .

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ 28 هين ترميم تي غور ڪرڻ بعد وڏي اڪثريت  سان جي منظوري ڏني وئي.

سينيٽ ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت 28 هين آئيني ترميم تي راءِ شماري ڪرائي بل جي شق وار منطوري ورتي وئي.

اجلاس ۾ 28 هين آئيني  ترميم جي حمايت ۾ 78 ۽ مخالفت ۾ 3 ووٽ پيا، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي بل جي مخالفت ڪئي.

سينيٽ چيرمين رضا رباني چيو آهي ته هو بل تي صحيح ڪرڻ بعد بل کي منطوري لاءِ ايوان صدر اماڻيندو

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *