Tuesday , April 22 2025

نوازشريف آمريت جي پيداوار آهي،ڪڏهن به جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو:اعتزاز احسن

لاهور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ  ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته ن ليگ ادارن خلاف جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، نواز شريف آمريت جي پيداوار آهي ۽ ڪڏهن به جمهوريت کي هلڻ ناهي ڏنو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف سازش جون ڳالهيون پيو ڪري پر سازشي جو نالو نٿو ٻڌائي، اقاما پاناما کان وڏو ڏوهه آهي. اقامو ڦريل ناڻي کي لڪائڻ جو طريقو آهي، اقامو رکڻ تي نواز شريف خلاف آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، اهڙو ڏوهه نريندر مودي يا برطانوي وزيراعظم ڪندا ته اهي جيل ويندا. هن چيو ته نواز شريف هر جمهوري حڪومت خلاف سازش ڪئي، ان تي ڪير به يقين نٿو ڪري سگهي، هاڻ اهي ماڻهو واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، انهن خلاف غداري ۽ وفاداريون تبديل ڪرڻ جو ڪيس ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف، يوسف رضا گيلاني کي چوندو هو عدالت جو فيصلو مڃو، هاڻ پاڻ فيصلي کي نٿو مڃي، نواز شريف خلاف اڃا تائين نرم رويو رکيو ويو آهي، 5 فيبروري تي موچي گيٽ تي تاريخي جلسو ڪنداسين.27

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *