ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَ چار) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ گٽر نالي ۾ صفائي دوران 3 صفائي ڪندڙ ڪارڪن ٻڏي ويا،جن مان 2 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي بيهوشي جي حالت ۾ بچايو ويو. ڪراچي جي ڏوراهين علائقي بلديا ٽائون جي 24 مارڪيٽ روبي موڙ ويجهو گٽر نالي جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.جڏهن ته هڪ پورهيت بيهوش ٿي ويو،ايڌي ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس سول اسپتال نيو ويو. ٻئي طرف فيڊرل بي ايريا واري علائقي بلاڪ 12 ۾ ڪرين گجر نالي ۾ ڪري پئي،ڪرين حددخلين جي خلاف آپريشن دوران گٽر نالي ۾ڪري پئي.
Check Also
سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟
سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …
سنڌسماءَچار