Wednesday , January 22 2025

نوشهرو فيروز ۾ عورت تي تشدد،ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون، ڪيس داخل

نوشهرو فيروز ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) نوشهرو فيروز شهر جي گل ٽائون ۾ والد ۽ چاچن سميت6جوابدارن جو هڪ ٻار جي ماءُ سيده صوبيا بتول شاهه تي وحشياڻون تشدد ڪري سندس ڄنگهون ڀڃي ڇڏيون، نازڪ حالت ۾ نواب شاهه اسپتال داخل، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيا، پوليس ۽ بااثر سياسي ماڻهن پاران جوابدارن کي بچائڻ جون ڪوششون، خاناپوري لاءِ صرف هڪ جوابدار گرفتار. ٽَي ڏينهن اڳ نوشهري فيروز جي گل ٽائون ۾ وحشي  جوابدارن ۾ والد غلام مصطفي شاهه، چاچن محمد علي شاهه، قربان شاھه، شھنشاهه، عرفان شاهه ۽ مشتاق شاهه شامل آھن. تشدد جو نشانو بڻيل صوفيا بتول شاهه ھن وقت نواب شاهه اسپتال ۾ داخل آھي.

سيده صوبيا بتول شاهه تي تشدد واري واقعي جي داخل ڪيل ڪيس ۾ متاثر عورت موقف اختيار ڪيو آھي ته منھنجي والد سيد غلام مصطفي شاھه، منهنجي امڙ سميت گھڻو وقت اڳ اسان کي ڇڏي ڏنو ھو. جنهن بعد  منھنجي شھزور شاهه سان شادي ٿي، جنھن مان مون کي ھڪ پٽ جو اولاد آهي. مان مڙس سان گڏ ڪراچي ۾ رھندي هئس جتي مڙس ڪوڙا بھتان ھنيا، زخمي عورت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته، مڙس پاران ڪوڙا بهتان هڻڻ کان تنگ ٿي ڪراچي مان واپس نوشهرو فيروز اچي مڙس کان طلاق وٺڻ ۽ تحفظ لاءِ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ خلع جي درخواست داخل ڪرائي. عدالت مون کي سيف گھر نواب شاهه منتقل ڪيو، بعد ۾ منهنجي بيان تي عدالت مون کي امڙ جي حوالي ڪيو.

سيده صوبيا بطول شاهه جو چوڻ آهي ته، ان بعد به مون جوابدارن مان خطري سبب تحفظ لاءِ درخواستون پڻ ڏنيون، ھن وڌيڪ چيو آھي ته والد ۽ ٻيا رات جي وقت ھٿيارن سان گھر ۾ گھڙي، منهنجي امڙ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ تي قتل ڪرڻ جي ارادي سان تشدد ڪيو، هنن مون کي ٽنگن ۾ ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪيو. نوشهروفيروز ٿاڻي تي صوبيا بتول ظاهه جي والد غلام مصطفي شاهه سميت محمد علي شاهه، قربان شاھه، شھنشاهه، عرفان شاهه ۽ مشتاق شاهه خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ نوشهروفيروز پوليس سياسي دٻاءَ تي جوابدارن کي بچائڻ لاءِ کين گرفتار ڪرڻ بدران تحفظ ڏيڻ لاءِ دڳ ڏئي رهي آهي.

سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي بابت اهم خبر، لنڪ تي ڪلڪ ڪري تفصيل پڙهي سگهو ٿا

پنجاب جو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڻي بند ڪرڻ کان کتو جواب

 

About admin

Check Also

اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا

خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *