ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي چيف سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ون جي اجلاس دوران ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل 100 کان وڌيڪ ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لائيو اسٽاڪ، روينيو، مڪاني ادارن، ڪچي آبادي ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين مختيار سومرو، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن فياض عباسي سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس دوران تعلقي سجاول جي اڳوڻي مختيارڪار غلام حيدر سميجو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اسڪول ايجوڪيشن جي 9 ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي منظوري سميت ڪچي آبادي جي ٽن ڪامورن جي خلاف به ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. چيف سيڪرٽري سنڌ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل سنڌ مڪاني کاتي جي 65 ڪامورن جي خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
Check Also
سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟
سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …
سنڌسماءَچار