ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڊي ايم سي ويسٽ جي هيڊ آفيس تي نيب ٽيم ڇاپو هڻي سمورو ريڪارڊ تحويل ۾ وٺي ورتو. تحويل ۾ ورتل ريڪارڊ ۾ ايجوڪيشن، هيلٿ ۽ فنانس ڊپارٽمنٽس جو ريڪارڊ شامل آهي. نيب ٽيم ڊي ايم سي ويسٽ جي هيڊ آفيس تي ڇاپو هڻي ريڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. ان موقعي تي ٽيم ڪارروائي کان اڳ اورنگي زون آفيس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪنهن کي به اندر اچڻ نه ڏنو ويو. نيب جي ٽيم جيئن ئي ڪارروائي جي شروعات ڪئي، سمورا عملدار ۽ ملازم نڪري هليا ويا. ان موقعي تي نيب اهلڪارن آفيس جا تالا ڀڃي ريڪارڊ قبضي ۾ وٺي ورتو.
Tags NAB raid on DMC a=west office
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …