واشنگٽن: پاڪستانين جي امريڪا ۾ داخلا تي ڪا به پابندي ناهي لڳائي: وائيٽ هائوس وائيٽ هائوس جي ترجمان پاڪستاني شهرين جي امريڪا ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪرڻ وارين جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته،امريڪي انتظاميا پاران پابندين کي منهن ڏيڻ وارن ملڪن جي فهرست ۾ وڌيڪ ڪنهن ملڪ کي شامل ڪرڻ جو ڪو ارادو نه آهي. وائيٽ هائوس جي هڪ ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته،امريڪا ۾ داخل ٿيڻ وارين پابندين جي فهرست ۾ وڌيڪ ڪنهن به ملڪ کي شامل نه ڪيو پيو وڃي. ترجمان پاڪستاني شهرين جي داخلا بابت سوال جي جواب ۾ ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته پاڪستان جو نالو انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته،جن ملڪن جي شهرين جي امريڪا ۾ داخلا تي پابندي هنئين وئي آهي ته، انهن آمريڪا لاءِ سفر ڪندڙ شهرين بابت گهربل معلومات نه پئي ڏني وئي، جڏهن ته، افغانستان، پاڪستان ۽ لبنان پنهنجن شهرين بابت سموري معلومات ڏئي رهيا آهن.
