خيرپور (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وحشي صفت سارنگ شر ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، پوليس سھولتڪاري جي الزام هيٺ ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾وٺي ڇڏيو آھي. ٺري ميرواهه ۾ شاگردن سان بدفعلي ڪري وڊيوز ٺاھيندڙ جوابدار بگھڙ صفت رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪري عدالت ۾ جوابدار جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش ڪئي،ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته جوابدار سارنگ شر کان ٻارڙن سان بدفعلي ڪرڻ ۽ سندن وڊيوز ٺاهڻ وارن ٻن ڪيسن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي انڪري سندس 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، عدالت پوليس جي 14ڏينھن واري درخواست رد ڪندي جوابدار کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.ٿا پوليس جوابدار رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي سخت سيڪيورٽي ۾ خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالتي احاطي ۾ به سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا. پوليس موجب جوابدار سارنگ شر کي هڪ نينگر سان بدفعلي جي ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل هئا، پوليس جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرز جي ٽيم پوليس جي موجودگيءَ ۾ جوابدار سارنگ شر جا جُزا وٺي ڇڏيا آھن جيڪي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويندا.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …