Tuesday , April 22 2025

وزيراعظم سي سي آءِ جو اجلاس 21 مارچ تي سڏائي ورتو،واٽر پاليسي جي منظوري جو امڪان

اسلام آباد( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل مفادن جي ڪائونسل  سي سي آءِ جو اجلاس 21 هين مارچ تي سڏائي ورتو آهي، اجلاس ۾ نئين پاڻي پاليسي سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويندو. سنڌ حڪومت پاران پاڻي پاليسي بابت تياري شروع ڪئي وئي آهي، امڪان آهي ته نئين پاڻي پاليسي جي منظوري ڏني ويندي. وزيراعظم پاران سي سي آءِ جي سڏايل اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير شرڪت ڪندا، جنهن ۾ نئين قومي واٽر پاليسي  تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ واٽر پاليسي تي چئني صوبن پاران پنهنجيون پنهنجيون تجويزون پيش ڪندا، شريعن جو چوڻ آهي ته، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ واٽر پاليسي جي ڊرافٽ جي منظوري به ڏني ويندي.

ان سلسلي ۾ ڪراچي مان سنڌسماءَچار جي رپورٽر مطابق سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نيشنل واٽر پاليسي ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته 22 مارچ تي پاڻي جي عالمي ڏينهن تي وزير اعظم نئين واٽر پاليسي جو اعلان ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *