اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار ) وزيراعظم عمران خان پيٽرليم شيون مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم جي منظوري بعد تبديلي سرڪار مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر بم ڪيرائيندي پيٽرول 147 رپيا 82 پئسا ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت اوگرا جي تجويزن تي عمل ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت پيٽرليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 3 رپيا هڪ پئسومهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 147 رپيا 82 پئسا في ليٽر ٿي ويو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 144 رپيا 62 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت گاسليٽ جي اگهن ۾ به واڌ ڪري نئون اگهه 116 رپيا 48 رپيا في ليٽر ڪيو ويو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب لائٽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ بعد في ليٽر 114 رپيا 62 پئسا ٿي ويو آهي.
