قلندرشهباز جي مزار تي ڌماڪي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد درد جي نوبت ۽ پيڙا جا سڏڪا……..

NOBAT1  نوبت وڄائيندڙ

گذريل ڏينهن شام ڌاري قلندرلال شهباز جي مزار تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ 80 کان وڌيڪ زائرين جي شهيد ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بد جمعي ڏينهن صبح جو سوير قلندر جي نگري ۾ ڌمال واري هنڌ روايتي نوبت جي آواز سانت ۾ اچي ويل سيوهڻ کي ڇرڪائي ڇڏيو.

قلندرشهباز جي مزار جي احاطي ۾ هڪ ملنگ جيڪو روزانو نوبت وڄائي ڌمال هڻائيندو آهي، ان رت ۾ ريٽي ٿيل لال شهباز جي مزار تي نوبت وڄائڻ شروع ڪئي ، نوبت وچائيندي وڄائيندي ملنگ  روئي پيو ۽ وري وڄائڻ شروع ڪئي ۽ هو ڪيتري ئي دير تائين نوبت ان انداز سان وڄائيندو رهيو. اتي موجد ماڻهن مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته  ”دشمن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، درد ڪيترو به هجي پر ان درد جي آواز کي نوبت ۾ ڀري وڄائيندا رهنداسي”

ڪير ٿو ڄاڻي ته نوبت وڄائيندڙ ان ملنگ جي درد ، پيڙا ۽ وري حوصلي جو مقام ڪهڙو آهي”

NOBAt3

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *