
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ عوام کي هڪ نئون آسرو ڏيندي اعلان ڪيو آهي ته، بجلي في يونٽ 8 کان 10 رپين تائين ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت پنج آءِ پي پيز سان معاهدو به ختم ڪري ڇڏيو. اسلام آٻاد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وفاقي وزيراويس لغاري اسلام چيو آهي ته بجلي جي قيمتن کي عوام جي پهچ ۾ آڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ 8 کان 10 مهينن اندر بجلي جي في يونٽ جو اگهه 8 کان 10 رپين تائين ڪجي. هن چيو ته پنج آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪري رهيا آحيون، اهي آءِ پي پيز ڪمپنيون به راضي ٿي ويون آهن.
سنڌسماءَچار