Sunday , February 23 2025

وفاقي حڪومت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول سستو ڪرڻ جو آسرو

 (سنڌسسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران عوام کي گذريل مهيني جيان ٻيهر پيٽرول سستو ڪرڻ جو آسرو ڏنو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس مطابق اوگرا پاران پيٽرول في ليٽر6رپيا سستو ڪرڻ جي تجويز وفاقي حڪومت  کي اماڻي وئي آهي. اوگرا پيٽرول 6 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا 50 پيسا سستو ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي، ان کانسواءِ لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ به لاٿ ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، سمري منظور ٿيڻ جي صورت ۾ تيل جا نوان اگهه پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندا. اوگرا  گذريل مهيني به پيٽرول 6 پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪا وفاقي حڪومت رد ڪندي پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *