وفاقي حڪومت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول سستو ڪرڻ جو آسرو

 (سنڌسسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران عوام کي گذريل مهيني جيان ٻيهر پيٽرول سستو ڪرڻ جو آسرو ڏنو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس مطابق اوگرا پاران پيٽرول في ليٽر6رپيا سستو ڪرڻ جي تجويز وفاقي حڪومت  کي اماڻي وئي آهي. اوگرا پيٽرول 6 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا 50 پيسا سستو ڪرڻ جي تجويز رکي وئي آهي، ان کانسواءِ لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ به لاٿ ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، سمري منظور ٿيڻ جي صورت ۾ تيل جا نوان اگهه پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندا. اوگرا  گذريل مهيني به پيٽرول 6 پئسا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪا وفاقي حڪومت رد ڪندي پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.

About

Check Also

سنڌسماءَچار

سنڌسماءَچار اپڊيٽنگ جي مرحلي ۾ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *