ڪراچيءَ ۾ ” نامعلوم ماڻهو “ ماڻهو سرگرم، ڪيترائي علائقا بند ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي( ڪرائيم رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاران مڪاني نظام جي نئين قانون خلاف سي ايم آفيس آڏو ڌرڻي ۽ ان تي پوليس جي لٺبازي، چڪرين دوران گرفتار ڪيل ايم ڪيو جي ڪارڪنن کي پوليس  ڇڏي ڏنو. ايم ڪيو ايم جي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي ۽ لٺبازي کانپوءِ  ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

ايم ڪيو ايم جي احتجاج ختم ٿيڻ کان فوري پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ ” نامعلوم ماڻهو “ نڪري آيا، جن ڳتيل آبادين وارن علائقن ۾ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. هيلمٽ نامعلوم ماڻهو موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي برنس روڊ، لائينز ايريا، گلشن اقبال، گلستان جوهر، نارٿ ناظم آباد ۽ ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ بازاريون بند ڪرائي ڇڏيون. ڪورنگي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه شهرين  نامعلوم ماڻهن کي ڀڄائي ڇڏيو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *