وڪيلن جو بائيڪاٽ، ڪهڙي جج عدالتي ڪارروائي نه روڪي؟

ڪراچي( ڪورٽ رپورٽر     سنڌسماءَچار) سکر ٽول پلازا جي عملي پاران وڪيلن تي تشدد خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ بارڪائونسل جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج عدالتي ڪارروائي ملتوي نه ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس صلاح الدين پنهور جي عدالت ۾ وڪيلن جسٽس صلاح الدين پنهور آڏو پيش ٿي کي سکر ۾ وڪيلن تي تشدد واري معاملي تي احتجاج ڪندڙ وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ گذارش ڪئي. وڪيلن جي گذارش تي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته عدالتون ۽ اسپتالون ڪڏهن به ۽ ڪنهن به صورتحال ۾ ناهن ٿينديون، احتجاج به سڀني جو حق آهي پر عدالتي ڪارروائي ملتوي نٿي ڪري سگهجي، احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جا ٻيا به کوڙ سارا طريقا آهن.جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اسان سائلن کي ڇا چئي واپس موٽايون.

 

About Asghar Azad

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *