ڪنڌڪوٽ: پورهيتن جو پي پي ايل گئس ڪمپني خلاف احتجاج

PPL kandhkot PPL2

ڪنڌ ڪوٽ ويجهو پي پي ايل گئس ڪمپني جي پورهيتن انتظاميا جي مبينا زيادتين خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو.
پورهيتن هادي بخش گولو، زابر علي، چاڪر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪمپني جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڪمپني اندر اچ وڃ بند ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پي پي ايل گئس ڪمپني جي انتظاميا جي چرچ تي سيڪيورٽي گارڊز هڪ پورهيت محمد اسماعيل گولو کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
هنن چيو ته گئس ڪمپني جي انتظاميا ٻاهريان ماڻهو ڀرتي ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.
هنن مطالبو ڪيو ته پورهيت تي تشدد ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو واڌيو ويندو……

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *