گلشن اقبال ۾ عمارت کي لڳل باهه وسائجي نه سگهي، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ هڪ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ رڌل آهي. عمارت جي اندر موجود ماڻهن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. باهه وسائڻ ۽ عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فضائي آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي. فائربرگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته ممتاز منزل ۾ باهه پهريان 4 ماڙ تي لڳي هئي، جيڪا آهستي آهستي پنجين، ڇهين ۽ ستين ماڙ کي به وڪوڙي وئي. عمارت ۾ نجي ڪپنين جون آفيسون آهن، جنهن لڳ ڀڳ 60 ماڻهو موجود هئا. امدادي ڪارروايون جاري آهن

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *